باڪو -10 آڪٽوبر (اي پي پي) اقتصادي سهڪار تنظيم اي سي او جي ميمبر ملڪن جي وزيرن جي ڪائونسل جو 27 هون اجلاس اڱاري کان آذربائيجان جي ميزباني ۾ شروع ٿي ويو. ان کان اڳ اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي اعليٰ سطحي عهديدارن جو اجلاس منعقد ٿيو آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وز??ر اجلاس جي صدارت ڪئي. اقتصادي سهڪار تنظيم جو اجلاس آذربائيجان جي شهر شوشا ۾ منعقد ٿيندڙ اي سي او جي وزيرن جي ڪائونسل جي 27هين ايجنڊا تي غور ويچار ڪيو ويو. پاڪستان جو نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني آذربائيجان ۾ ٿيندڙ وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف ۽ پاڪستان سميت اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وز??ر اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيا آهن. پاڪستاني پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڪائونسل آف منسٽرز (سي او ايم)جي اجلاس جي موقعي تي ميمبر ملڪن جي وزيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن سان ٻه طرفيون ??لا??اتون پڻ ڪندو. اقتصادي سهڪار تنظيم ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان کان عل??وه ترڪيه، ايران، افغانستان، قزاخستان، ڪرغزستان، تاجڪستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان شامل آهن.
پاڪستان سميت اقتصادي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وزيرن جي ڪائونسل جو اجلاس آذربائيجان جي ميزباني ۾ شروع
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں