اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي پاڪ افغان سرحدي ڪراسنگ پوائنٽ?? تي سهولت لاءِ عورتن ?? ٻارن کي بايو ميٽرڪ کان ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هو افغان ناظم الامور سردار احمد ??ڪي?? سان ملاقات دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. ملاقات ۾ ٻطرفي معاملن ۽ افغان شهرين جي پنهنجي وطن واپسي جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪئي. گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي چيو ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور تي ترسيل پرڏيهين جي واپسي جو سل??لو جاري آهي، هدايتون جاري ڪيون آهن ته پنهنجي وطن واپس ويندرن سان انتهائي عزت ۽ احترام سان پيش اچيو وڃي، هن چيو ته پروف آف رجسٽريشن ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙ ماڻهن خلاف ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نه پئي آندي وڃي، ان سل??لي ۾ ڪنهن ڪوتاهي ۽ بدتميزي کي هر گز برداشت نه ڪيو ويندو. گهرو وزارت ۾ ان ڏس ۾ ڪنٽرل سينٽر ۽ هيلپ لائن قائم ڪئي وئي آهي. افغان سفارتخانو هڪ نمائندو مقرر ڪري جيڪو شڪايت جي فوري حل لاءِ ڪنٽرول سينٽر سان هر وقت ر??بطي ۾ رهي، گهرو وزير جو چوڻ هو ته ڪراسنگ پوائنٽ?? تي سهولت لاءِ عورتن ?? ٻارن کي بايوميٽرڪ کان ڇوٽ حاصل هوندي.
گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير سرفراز احمد بگٽي پاران پاڪ افغان سرحدي ڪراسنگ پوائنٽس تي عورتن ۽ ٻارن کي بايو ميٽرڪ کان ڇوٽ ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ