لاهور – 24 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ڊيجيٽل ميڊيا جي دور ۾ فيڪٽ چيڪنگ جي مڪينزم کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي فائدن سان گڏ خط??ا به موجود آهن، صحافت بنيادي طور تي عوام جي ڄاڻ جي حق جو دفاع ڪرڻ آهي، مصنوعي ذهانت کي استعمال ۾ آڻي ڪيترائي ڪم ڪيا پيا وڃن، ڊيجيٽل دور جي سنگين خطرن کي جانچڻ ضروري آهي. اها ڳالهه هن يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ اينڊ ٽيڪنالاجي جي اهتمام هيٺ ٻي انٽرنيشنل ميڊيا اينڊ ڪميونيڪشن ڪانفرنس کي خطاب ڪئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2024ع مختلف ملڪن ۾ چونڊن جو سال آهي جڏهن ته موجوده ڊيجيٽل دور ۾ وڏا چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته صحافت جو بنيادي ڪم عوام جي ڄاڻ جي حق جو دفاع ڪرڻ آ??ي. ??ن ميڊيا انڊسٽري تي زور ڏنو ته اها ذميواراڻي صحافت کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ عوامي مفاد?? جي تحفظ کي يقيني بڻائي. هن چيو ته ڊيجيٽل دور جا چئلينجز به وڏا آهن، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا ٽيڪنالاجي جي ارتقا سان جتي فائدا ٿيا اتي آرٽيفيشل انٽيلي جنس، ڊيپ فيڪ، وائيس ڪل??نن?? ۽ مس انفارميش?? جي خطرن ۾ به اضافو ٿيو جيڪو موجوده دور ۾ جمهوريت، اظهار راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي کي درپيش خطرن مان هڪ وڏو خطرو بڻجي سامهون آيو آ??ي. ??ن چيو ته ميڊيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي جا جتي فائدا موجود آهن اتي خط??ا به آهن. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ ٽرولز فارم شروع ٿ??ا جن کي هاڻي انسان?? جي به ضرورت نه آهي، آرٽيفيشل انٽيلي جنس هڪ وڏو هٿيار بڻجي سامهون آيو آهي جنهن سان اهو ممڪن آهي ته تمام گهٽ خرچ ۾ مصنوعي ٽيڪسٽ، مصنوعي آواز ۽ مصنوعي وڊيوز تيار ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته صحافت جو بنيادي اصول ۽ تنظيمي ڍانچو گيٽ ڪيپر جو نظام آهي جنهن ۾ فيڪٽ چيڪنگ ۽ حقيقت?? جي تصديق ا?? جي روح ۾ شامل هئي جڏهن ته نئين ميڊيا ان گيٽ ڪيپر جي نظام کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي جنه?? جي ڪري هاڻي ماڻهن تائين سچ آڻڻ مشڪل ٿي ويو آ??ي. ??ن چيو ته ڊيجيٽل دور جي سنگين خطرن کي جانچڻ ضروري آهي، ان ڏس ۾ ويريفڪيشن ليبارٽريز ٺاهڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته نيوز رومز کي حقيقت?? جي جان?? جي لاءِ ڊپارٽمينٽس ٺاهڻ گهرجن.
ڊيجيٽل ميڊيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي فائدن سان گڏ خطرا به موجود آهن، صحافت بنيادي طور تي عوام جي ڄاڻ جي حق جو دفاع ڪرڻ آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ