اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي زور ڏيندي چيو ??هي ته پ??ڪس??ان تاجڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، تاجڪستان پ??ڪس??ان جو سڀ کان ويجهو ۽ وچ ايشيائي پاڙيسري ملڪ آهي، پ??ڪس??ان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون جا وسيع امڪان آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي پ??ڪس??ان ۾ تاجڪستان جي سفير سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن الوداعي ملاقات ڪئي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ??ه اسلامو فوبيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي اسلامي دنيا ۾ تعاون لازمي آهي، جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌندو. صدر واپار، توانائي ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ??ه پ??ڪس??ان غزه جي عوام جي ڏک ۾ دل جي گهراين سان شريڪ آهي، غزه ۾ اسرائيلي فورسز انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيون آهن، غزه مان دردناڪ منظر سامهون اچڻ جي باوجود عالمي برادري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي اسلام آباد ۾ پنهنجي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان تڪميل تي مبارڪباد ڏني. صدر پ??ڪس??ان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيو.
پاڪستان تاجڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا