برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته بيلجيئم ۽ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ميزباني ۾ ب??لس?? ۾ ٿيندڙ پهرين نيوڪليئر سمٽ ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي، سربراهه اجلاس دوران ترڪيه جي پرڏيهي وزير، گڏيل عرب امارات جي ??وانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير کانسواءِ چين جي نائب وزيراعظم سان مثبت ۽ حوصلي جوڳيون ملاقاتون ٿيون. برسلز ۾ منعقد ائٽمي توانائي سربراهي اجلاس ۽ برسلز جي ??وري جي ??والي سان هڪ وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته نيوڪليئر سمٽ جي موقعي تي عالمي ائٽمي توانائي اداري جي ڊائريڪٽر ??نرل ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير سان پڻ ملاقات ٿي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته گذريل حڪومت جي ??ور ۾ گڏيل وزارتي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي ??در ۽ ٻين حڪومتي عهديدارن سان ملاقاتون ٿيون هيون جنهن ۾ گڏيل دوستي ۽ حمايت جو ورجاء?? ڪيو ويو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي سان جيڪي ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن يا جن کي ??قص??ن ٿي سگهن ٿا انهن ۾ پاڪستان به شامل آهي، گذريل ٻوڏ ۾ پاڪستان کي شديد ??قص??ن کي منهن ڏيڻو پيو. هن نيوڪليئر سمٽ کي حوصلي جوڳو قرار ڏيندي چيو ته ان ۾ نوان آئيڊياز سامهون آيا آهن جن جي پاڪستان حمايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ائٽمي توانائي سان ساڍا ٽي هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي ٺاهي رهيو آهي، گذريل سال پي ڊي ايم حڪومت چشما جي ??ي فائيو منصوبي جي منظوري ڏني هئي ۽ چين جي معاونت سان اسان ان منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته نيوڪليئر سمٽ دوران شرڪت ڪندڙن چيو ته پن بجلي کانپوءِ ائٽمي توانائي متبادل توانائي آهي، پن بجلي کانپوءِ اها محفوظ ۽ گهٽ لاڳت سان تيار ٿيندڙ بجلي آهي ۽ هن وقت دنيا کي ان جي ??رورت آهي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي مالياتي ادارا نيوڪليئر جي ڪري ان جي فنانسنگ نه ڪندا هئا پر هاڻي عالمي سطح تي ان بابت راءِ تبديل ٿي رهي آهي. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو ته مون نيوڪيلئر سمٽ جي موقعي تي چيو ته گهڻ رخي ادارن کي ان جي فنانسنگ تي غور ڪرڻ گهرجي ??ه جيئن اسرندڙ ملڪن کي به ائٽمي توانائي ملي سگهي ۽ اهي ان جا منصوبا لڳائي سگهن. هن چيو ته سربراهه اجلاس دوران ڪيترن ئي ملڪن جي وزيراعظمن ۽ وفدن جي ??ربراهن ان ڳالهه جو ورجاء?? ڪيو ته عالمي مالياتي ۽ گهڻ رخي ادارن کي گهرجي ??ه اهي ان تجويز تي غور ڪن. هن چيو ته سندس برسلز جي ??وري دوران بيلجيئم ۾ پاڪستان جي ??فير آمنه بلوچ، ويانا ۾ پاڪستان جي ??فير آفتاب کوکر ۽ سندس ٽيم تمام گهڻو متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته هي دورو جيتوڻيڪ مختصر هو پر گهٽ وقت ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي.
بيلجيئم ۽ آءِ اي اي اي جي ميزباني ۾ برلسز ۾ ٿيندڙ پهرين نيوڪليئر سمٽ ۾ پاڪستان جي ڀرپور نمائندگي ڪئي: پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز