اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوٽ ڊي واغ سان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪوٽ ڊي واغ کي پاڪستاني چانور، طبي ۽ جراحي اوزارن، دوائن ۽ راندين جي سامان جي برآمدات وڌ??ئڻ جا تمام وڌيڪ امڪان موجود آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڪوٽ ڊي واغ (آئيوري ڪوسٽ) لاءِ پاڪستان جي نامزد سف??ر محمود اختر محمود سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جا ڪوٽ ڊي واغ سان خوشگوار لاڳاپا آهن، نامزد سف??ر آئيوري ڪوسٽ سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا اڳتي وڌ??ئڻ جا موقعا ڳولي. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي مضبوط بڻ??ئڻ جي لاءِ ثقافتي لاڳاپا وڌ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته نامزد سف??ر ڪوٽ ڊي واغ سان عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جا امڪان پڻ ڳولي، هو ڪوٽ ڊي واغ سان ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻ??ئڻ جي لاءِ ??وششون ڪري. صدر آصف علي زرداري محمود اختر محمود کي ڪوٽ ڊي واغ ۾ بطور پاڪستاني سف??ر مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني.
صدر آصف علي زرداري سان ڪوٽ ڊي واغ، آئيوري ڪوسٽ لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمود اختر محمود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ