اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ جي جيمز اينڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ويليو ايڊيڊ مصنوعات جي برآمد سان پاڪستان کي قيمتي پرڏيهي ??اڻو ڪمائڻ ۾ مدد ملي سگهي ??ي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ جيمز اينڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي جي حوالي سان ايوان صدر ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران ڪيو. پاڪستان جيمز اينڊ جيولري ڊيولپمينٽ ڪمپني (پي جي جي ڊي سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر محمد عالمگير چوڌري ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عالمي جواهرات ۽ زيورن جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ پاڪستان جي قيمتي پٿرن جي مصنوعات جي بهتر مارڪيٽنگ ۽ تشهير جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي جواهرات ۽ زيورن جي ش??بي ۾ ترقي جي وڏي صلاحيت آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ جيمز ۽ جيولري جي ش??بي مان ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو، جيمز اينڊ جيولري ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ غيرملڪي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته غيرملڪي سيڙپڪاري سان ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ، مقامي آبادي جي لاءِ روزگار جا موقعا کولڻ ۾ مدد ملندي. آصف علي زرداري جواهرات ۽ جيولري جي ش??بي ۾ تنوع آڻڻ ۽ صنعتن جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته مقامي افرادي قوت جي تربيت ۽ هنرمندي ۾ اضافي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته مليڪ جواهرات ۽ جيولري جي ش??بي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، قابل قدر مصنوعات جي برآمدات سان پاڪستان قيمتي پرڏيهي ??اڻو ڪمائي سگهي ??و. پي جي جي ڊي سي جي سي ??ي او اجلاس کي جيمز اينڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي لاءِ اسٽريٽ??ڪ پلان بابت آگاهه ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مختلف چئلينجز ۽ موقعن کي اجاگر ڪيو.
ويليو ايڊيڊ مصنوعات جي برآمد سان پاڪستان کي قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا