اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) پ??ڪس??ان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ??هي ته والاريل فلسطيني علائقي ۾ ٻارن ۽ ع??رت?? سميت معصوم شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ رفح ڪراسنگ تي حملي ۽ گهيراءُ جي مذمت ڪندي چيو ??ه اسرائيل کي عالمي انساني قانون جي پاسداري ??رڻ گهرجي. اسرائيل پنهنجي تازه ڪاررواين مان ثابت ڪيو ??هي ته هو عالمي انساني حقن جي قانونن جي خلاف ورزي ۽ غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو مرڪتب ٿي رهيو ??هي. هن فوري جنگبندي، غزه جو گهيراءُ ختم ??رڻ ۽ غزه جي محصور ماڻهن جي لاءِ بنا روڪ ٽوڪ انساني امداد تائين پهچ ڏيڻ تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ??ه ڪيترن ئي مهينن کان فلسطينين تي اسرائيلي جارحيت ڪئي پئي وڃي، فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ ختم ٿيڻ گهرجي ۽ عالمي ادارن کي فلسطينين تي جاري ڏاڍ جي خلاف ڪارروائي ??رڻ گهرجي. ترجمان چيو ??ه پ??ڪس??ان عالمي سطح ۽ فورمز تي غزه ۾ جاري ظلمن ۽ غزه ۾ ٻارن ۽ ع??رت?? تي ظلمن جي مذمت ڪئي آهي. هن پ??ڪس??ان جي ان اصولي موقف هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ??ه هو گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ??ه ڪشمير هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن کي گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ٿيڻ گهرجي. ترجمان گيمبيا ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي پڌرنامي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار بابت او آءِ سي جي موقف کي ساراهيندي چيو ??ه اجلاس ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت ڪئي.
پاڪستان پاران غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ