بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسح??ق ڊار بيجنگ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي جي وزير ليوجيان چائو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي سياسي پارٽين ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي وچ ۾ پراڻي تعاون ۽ مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس موجب سينيٽر اسح??ق ڊار چين جي بنيادي مسئلن تي پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزير ليوجيان پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ اعليٰ معيار جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين جي حمايت جو اظ??ار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي اهميت ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پڻ تصديق ڪئي. سي پيڪ جي سمورن منصوبن بشمول ايم ايل – I جي اپ گريڊيشن، گوادر پورٽ ۽ قراقرم هاءِ وي (ڪي ڪي ايڇ) کي ٻيهر جوڙڻ تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ جي گڏيل عزم جو اظ??ار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شانگلا حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي افسوس ۽ صدمي جو اظ??ار ڪيو ۽ دهشتگردي جي هر قسم جي خاتمي ۽ شانگلا حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ چيني منصوبن، اهلڪارن ۽ ادارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن تي زور ڏنو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ليوجيان چائو کي هن سال سياسي پارٽين جي سي پيڪ جوائنٽ ڪنسلٽيٽو مڪينزم جي اڳئين اجلاس جي شريڪ صدارت جي لاءِ پاڪستان جي دوري جي باضابطا دعوت ڏني.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي جي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil