اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن پا??ست??ن – يو اين ايڇ سي آر جي تعاون بابت لاڳاپيل معاملن ??ي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ فرينڪفرٽ، لنڊن ۽ برسلز ۾ پا??ست??ن جي سفارتي مشنز جي خلاف (افغان شهرين پاران) تازا حملا ۽ پرتشدد مظاهرا پڻ بحث هيٺ آيا. هاءِ ڪمشنر افغان پناهگيرن جي پا??ست??ن جي روايتي مهمان نوازي خاص طور تي پا??ست??ن حڪومت پاران پي او آر ڪارڊز جي مدي ۾ توسيع جي تازي فيصلي کي ساراهيو. ٻنهي عهديدارن هاءِ ڪمشنر جي جولاءِ جي شروع ۾ پا??ست??ن جي دوري دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ اڄ جي ٽيليفونڪ ڳالهه ۾ پا??ست??ن – يو اين ايڇ سي آر جي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ افغان پناهگيرن جي مسئلي جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم