اسلام آباد -02 سيپٽمبر (اي پي پي ) ربيع الاول 1446هه جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس (اربع ) ڏينهن 4 سيپٽمبر اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئر مين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان ??وجب زونل ۽ ضلعي چنڊ ڏسڻي ڪميٽين جا اجلاس پنهنجن پنهنجن هنڌن تي ٿيندا. چنڊ نظر اچڻ يا نظر نه اچڻ جي حوالي سان اعلان ??رڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئر مين مولانا عبدالخبير آزاد سڄي ملڪ مان ??ليل شاهدين کي نظر ۾ رکي ڪندو. اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ڪوهسار ڪامپليڪس ۾ شام جو 5 وڳي منعقد ٿيندو. موسميات کات?? مان چيف ميٽرو لاجسٽ ڊاڪٽر سرفراز، اسپارڪو مان غلام مرتضيٰ مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي فني مدد ڪندا.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ