اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وزارت هلندڙ مهيني اسلام آباد ۾ م??عقد ٿ??ندڙ شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي اثرائتي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي ??وڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايس سي او ڪانفرنس دوران پاڪ فوج، رينجرز، ايف سي ۽ پنجاب پوليس جي اضافي نفري به مقرر ڪئي ويندي. اربع ڏينهن وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي تيارين جي حوالي ??ان اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، آءِ جي پوليس اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد، ڊپٽي ڪ??ان??نٽ ايف سي، سيڪٽر ڪ??ان??ر پاڪستان رينجرز ۽ سيڪيورٽي ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايس سي او سربراهي اجلاس جي حوالي ??ان سيڪيورٽي انتظامن جو تفصيلي ??ائزو ورتو ويو. گهرو وزير چيو ته هلندڙ مهيني شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس پاڪستان ۾ م??عقد ٿ??ڻ وڏي اهميت وارو آهي، سمٽ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪري رهيا آهن، عالمي ڪانفرنس جو پاڪستان ۾ م??عقد ٿ??ڻ پوري قوم لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته ايس سي او سربراهي ڪانفرنس جي موقعي تي فول پروف انتظامن کي هر سطح تي يقيني بڻايو ويندو. ايس سي او ڪانفرنس جي موقعي تي اسلام آباد کي خوبصورت بڻايو ويندو ۽ صفائي جا خصوصي انتظام ڪيا ويندا. هن چيو ته ايس سي او اجلاس دوران سمورا لاڳاپيل ادارا گڏيل تعاون سان پنهنجو مقرر ڪيل ڪردار ادا ڪن، سڀني کي گڏيل سهڪار سان ان اهم سربراهي اجلاس کي پرامن ۽ ڪامياب منعقد ڪرڻ کي يقيني بڻائڻو آهي.
گهرو وزارت پاران شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي اثرائتي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ بهترين حڪمت عملي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا