اسلام آباد – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته آپريشن ۾ انتهائي گهربل دهشتگرد سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث چار دهشتگرد?? کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز مبارڪباد جون مستحق آهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته امن امان ۾ رڪاوٽ وجهندڙ?? کي انتهائي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته دهشتگردن جي ڪڌي اراد?? کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين، ملڪ مان دهشتگردي ??ي مڪمل خ??تمي تائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات