اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، مير ??طاالله لانگو کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊجڻ ۽ ٻين نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آه??. و??يراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ ڪاميابي وڪيل بر??در?? جي فلاح ۽ بهبود جو سبب بڻجندي. وزيراعظم بار ايسوسيئيشن جي آئين جي پاسداري، قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ ۽ بلوچستان جي وڪيلن جي مفادن جي تحفظ جي عزم کي به ساراهيو. وزيراعظم چيو ته هو پراميد آهي ته نئين چونڊيل ٽيم قانوني پيشي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڻ??ڪ محنت ڪندي ۽ ملڪ ۾ انصاف ۽ جمهوريت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج