اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته سول نافرماني جي سڏ کان وڏي دشمني پاڪستان سان ڀلا ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي اعتماد جو اظهار آه??، مع??شي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام لازمي آه??، اسلام آباد تي چڙهائي ڪندڙ شرپسندن کي نه ڇڏيو ويندو، شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جو مڪينزم طئي ٿي ??يو آه??. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن جي اندر شام جون حالتون مڪمل تبديل ٿي ??يون. پاڪستان ان صورتحال ۾ غيرجانبدار رهيو. شام ۾ هن وقت 250 زائرين ۽ 300 ٻيا پاڪستاني موجود آه??. ان کانسواءِ ڪيترائي پاڪستاني خاندان سالن کان اتي آباد آه??. شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ شام ۾ پاڪستان جي سفير متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. گذريل ڏينهن منهنجي شام ۾ مقرر پاڪستاني سفير سان ملاق??ت به ٿي. انهن ماڻهن کي رستي ذريعي لبنان ۽ رفيق حريري ايئرپورٽ کان چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي واپس آڻي سگهجي ٿو. ڪالهه لبنان جي وزيراعظم سان ان سلسلي ۾ ڳالهه ڪئي آهي. رياض ۾ سعودي ولي عهد جي دعوت تي جڏهن آئون ويس ته منهنجي لبنان جي وزيراعظم سان ملاقات پڻ ٿي ??ئي. هن پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ امداد جا ٿورا پڻ ادا ڪيا هئا. لبنان جي وزيراعظم بيروت جي ذريعي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جي سلسلي ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. هن لاڳاپيل عملدارن کي ان سلسلي ۾ حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيا آه??. اهڙي طرح شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي انخلا جو مڪينزم طئي ٿي ??يو آه??. وزيراعظم هفتيوار مهانگائي (ايس پي آءِ) جو انڊيڪس گهٽ ٿي 3.7 سيڪڙو تي اچڻ تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪندي چيو ته مع??شي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ سياسي استحڪام ۽ امن امان لازمي آه??. وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪالهه آذربائيجان جي سفير سان پڻ ملاقات ٿي، فيبروري ۾ آذربائيجان جو دورو ڪندس ۽ پاڪستان ۾ آذربائيجان جي 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي حوالي سان مع??هدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن ۽ قدمن سان مع??شي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آه??. ان جي لاءِ سياسي استحڪام ضروري آه??. امن امان جي حوالي سان گذريل ڏينهن به اجلاس ٿيو جنهن ۾ مون هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد تي چڙهائي جي ناپاڪ ڪوشش ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي جيڪا سازش پاڪستان جي خلاف ڪئي وئي ان ۾ جيڪو به ملوث آه?? ثبوتن سان ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ انهن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو ۽ ڪنهن بيگناهه کي هٿ تائين نه لڳايو ويندو. وزيراعظم مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي اعتماد جو اظهار آه?? جيڪي ٻاهرئين ملڪ ڏينهن رات محنت ڪري حلال رزق ڪمائين ٿا ۽ پنهنجي رقم وطن موڪلين ٿا. وزيراعظم سول نافرماني جي ڪال کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو ته ان کان وڏي دشمني پاڪستان سان ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان مع??شي صورتحال ۾ بهتري سان پنهنجو مقام ضرور حاصل ڪندو.
سول نافرماني جي سڏ کان وڏي دشمني پاڪستان سان ڀلا ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا