اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پ??ڪستان جو اجلاس اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار احمد دراني جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ لوڪل ??ورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. خميس ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پ??ڪستان جي پريس رليز مو??ب اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي معزز ميمبرن شاهه محمد جتوئي، بابر حسن ڀروانه ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله خان، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن ج?? اسپيشل سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جي لا سيڪريٽري، گهرو وزارت جو اسپيشل سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي نمائندي شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد لوڪل ??ورنمينٽ چونڊون جو پروگرام 8 آگسٽ تي جاري ڪيو جنهن ۾ مو??ب پولنگ 9 آڪٽوبر تي ٿيڻي هئي، ان پروگرام مو??ب نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي چڪا هئا ۽ ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جاري هو ته گورنمينٽ اسلام آباد لوڪل ??ورنمينٽ ايڪٽ 2015ع ۾ ترميم ڪري ڇڏي. انهن ترميمن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن لوڪل ??ورنمينٽ چونڊن جي عمل کي ملتوي ڪري ڇڏيو ته جيئن لوڪل ??ورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن، ان جي اثرن ۽ اسلام آباد لوڪل ??ورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ بابت گهرو وزارت، لا ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کان موقف ورتو وڃي ۽ ڄاڻايل چونڊون ڪرائڻ بابت مناسب فيصلو ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن گورنمينٽ جي مٿي ڄاڻايل نمائندن کي مو??وده ترميمن کي نظر ۾ رکندي مناسب رولز ۽ ٻي قانونسازي بابت هدايت ڪئي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس، اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea