اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم 2 کان 4 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ساڻس گڏ وزيرن، نائب وزيرن ۽ سينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطح جو وفد پڻ هوندو. وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. بيان موجب ٻئي ڌريون واپار، رابطن، توانائي، زراعت?? حلال صنعت، سياحت، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن سميت متنوع شعبن ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ??رڻ جي وسيع ايجنڊا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون، هو علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻوله?? ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ تاريخ، ثقافت ۽ عقيدي سان ڳنڍيل مضبوط ٻطرفا لاڳاپا آهن. هي دورو پاڪستان ملائيشيا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ??رڻ جو هڪ ??هم موقعو فر??هم ڪندو.
وزيراعظم جي دعوت تي ملائيشيا جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم 2 کان 4 آڪٽوبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل