اسلام آباد-30 سيپٽمبر (اي پي پي) انساني حقن بابت سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پهرين آ??ٽو??ر تي جڏهن اسان بزرگ شهرين جو عالمي ڏي??هن ملهائي رهيا آهيون، ته اسان کي اهو موقعو غنيمت سمجهڻ گهرجي، پنهنجن بزرگن جي حقن ۽ وقار جي تحفظ جو عهد ٻيهر ورجائڻ گهرجي، اچو اسان پنهنجن بزرگن جي لازوال خدم??ن جو اعتراف ڪريون، سندن فلاح ۽ بهبود لاءِ پنهنجي عزم کي تازو ڪريون، اسان جي بزرگ شهرين جي قيمتي تجربن ۽ انمول بصيرت نه صرف اسان جي معاشري لاءِ اهم آهي پر ان قوم کي درپيش چئلينجن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. بزرگ شهرين جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته ان پسِ منظر ۾ انساني حقن واري وزارت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي ته بزرگن جي حقن جي تحفظ لاءِ قانوني ڍانچي ۽ سماجي پاليسين کي مضبوط بڻايو وڃي، اسان جي ڪوشش جو محور بنيادي خدمتن تائين رسائي، شعور اجاگر ڪرڻ ۽ هڪ اهڙو ماحول جوڙڻ آهي جيڪو بزرگن جي فعال شرڪت جي همت افزائي ڪندو هجي، اڄ جي پيچيده مسئلن کي حل ڪندي اسان ان ڳالهه جو خيال رکون ته اسان جا بزرگ معاشرتي ترقيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان کان علاوه ا??هن مسئلن کي مُ??هن ڏيڻ لاءِ حڪومت، سول سوسائٽي ۽ نجي شعبن وچ ۾ سهڪار ضروري آهي ته جيئن اسان جا بزرگ شهري پاڻ کي محفوظ ۽ قابل قدر محسوس ڪن. اها اسان سڀني جي اجتماعي ذميداري آهي ته ا??هن جي ضرور??ن جو خيال رکون ۽ کين معاشري جو اهم حصو سمجهون. اچو گڏجي پنهنجي بزرگ شهرين جو احترام ڪريون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته سندن عزت ۽ سارسنڀال لهون ج??هن جا هو حقدار آهن.
اچو گڏجي پنهنجي بزرگ شهرين جو احترام ڪريون: سينيٽر اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ