راولپنڊي-09 آڪٽوبر (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس تعليمي ادارن ۾ منشيات جي فراهمي خلاف پنجن ڪاررواين دوران 94 لک روپين جي ماليت جي منشيات هٿ ڪري 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اي اين ايف ??يڊ??وارٽر راولپنڊي مان جاري ڪيل رپورٽ موجب رنگ روڊ پشاور تي حيات آباد ٽول پلازه ويجهو جوابدارن وٽان 1500 نشي جون گوريون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته ايبٽ آباد ۾ مري روڊ تي موٽرسائيڪل سوار جي قبضي مان 500 گرام چرس هٿ آيو آهي. هوڏانهن ٽنڊوڄام ??يد??آباد ۾ يونيورسٽي ويجهو موٽرسائيڪل سوار وٽان 7 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي منشيات وڪرو ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. رپورٽ موجب ٻين ڪاررواين ۾ موٽر وي ٽول پلازه ويجهو گاڏي مان 12 ڪلوگرام چرس هٿ آيو آهي، ??ڏهن ته هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ??وڪزئي ۾ افغان ڪئمپ ويجهو بيٺل موٽرسائيڪل مان 24 ڪلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو. اي اين ايف جي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن خلاف منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ موجب ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
اي اين ايف جون تعليمي ادارن ۾ منشيات جي وڪري خلاف ڪارروايون جاري، ٽنڊوڄام يونيورسٽي ويجهو موٽرسائيڪل سوار کان 7 ڪلوگرام چرس هٿ
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل