اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اڄ اسانکي موسمياتي تبديلين جهڙن اڀرندڙ چئلينجز درپيش آهن، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن. اسلام آباد ۾ ڏهين نيشنل پارلياماني ڊولپمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ سان گڏ پارليامينٽ ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪا??ن جو اهم ڪردار هوندو آهي. ان قسم جي ڪورسز سان ??فيسرن ۽ اهلڪا??ن جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪورس مان پبلڪ پاليسي ۽ قانون سازي جي به بهتر آگاهي ملي ٿي. اميد آ??ي ته ڪورس ۾ شريڪ آفيسر پنهنجو وقت بهترين ا??دا?? سان وقف ڪندا. نيشنل پارلياماني ڊولپمينٽ ڪورس ۾ قومي ا??يمبلي، سينيٽ، چئني صوبائي ا??يمبلين، آزاد ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان ??سيمبلي جا گريڊ-17 جا آفيسر شريڪ ٿيا.
موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ