جنيوا -20 نومبر (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ايڊنوم گيبروسيس آهي ته غزه ۾ الشفا اسپ??ال مريضن جي سار سنڀال جي قابل ناهي رهي، ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ هن چيو ته غزه ۾ شفا اسپ??ال هاڻي وڌيڪ خدمتون فراهم نٿي ڪري سگهي. جيڪا اسرائيل جي ناڪابندي ۽ حملي جي لپيٽ هيٺ آهي. هن ??گاهي ڏني ته پاڻي، خوراڪ ۽ ٻارڻ ختم ٿي چڪو آهي، ان کان علاوه طبي سامان به ختم ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته ٻارن سميت مريضن جي حالت تمام خراب آهي، طبي عملي اهڙن مريضن کي ٻئي هنڌ منتقل ڪ??ڻ لاءِ سهڪار جي درخواست ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته اسان ??نهنجي شراڪتدارن سان ??وري طور تي مريضن کي اتان ??نتقل ڪ??ڻ جو منصوبو تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ۽ مطالبو ڪري رهيا آهيون ته ان ??نصوبي کي مڪمل طور تي سهولت فراهم ڪئي وڃي. موجوده صورتحال برداشت جوڳي ناهي، هاڻي جنگبندي ڪئي وڃي. هڪ ٽيم ٻڌايو آهي ته اسپ??ال جي دروازي تي هڪ اجتماعي قبر ڏٺي آهي ۽ اٽڪل اتي 80 کان ??ڌيڪ ماڻهو دفن آهن. صحت جي عالمي اداري ٻڌايو ته هن وقت اسپ??ال ۾ 291 مريض ۽ 25 طبي ڪارڪن موجود آهن ??ن مان 32 ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. عالمي اداري چيو آهي، ته فوري جنگ بندي ڪئي وڃي ۽ وڏي پئماني تي انساني امداد جاري رکي وڃي.
غزه ۾ الشفا اسپتال مريضن جي سار سنڀال جي قابل ناهي رهي: صحت جو عالمي ادارو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان