ٽوڪيو-04 نومبر (اي پي پي) اتر ڪوريا جي گذريل ھفتي فائر ڪيل ھڪ نئين بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائل بعد جاپان، آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا گڏيل فضائي مش??ون شروع ڪيون آھن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف گذريل ڏينھن اعلان ڪيو آهي ته مش??ون ملڪ جي ڏکڻ واري ٻيٽ چيجو جي اوڀر ۾ ھوائي حدن ۾ ٿيون جنھن دوران مقرر ڪيل هدفن کي درست انداز ۾ حملا ڪرڻ جي صلا??يت جي تصديق ڪئي وئي. مش??ن ۾ آمريڪا جو ايف-16 جنگي جھاز ۽ ھڪ بي-1 بمبار جھاز شامل ھو. اتر ڪوريا انهن بمبار جھازن جي صلاحيتن بابت محتاط آھي. ڏکڻ ڪوريا جي فوج جو چوڻ آھي ته ٽئي ملڪ اتر ڪوريا جي درپيش خطرن کي روڪڻ ۽ گڏيل طور جواب ڏيڻ جي سھڪار کي مضبوط بڻائين??ا. 5 نومبر تي منعقد ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن جي موقعي تي پيانگ يانگ بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪري سگھي ٿو ۽ ايٽمي تجربو پڻ ڪري سگھجي ٿو.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن