ڪوالالمپور-28 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراه??م چيو آهي ته ملڪ جي 6 رياستن ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب 37 هزار ماڻهو مت??ثر ٿيا آهن. جڏ??ن ته انهن ماڻهن جي رهائش لاءِ عارضي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٿائيلينڊ جي سرحد سان لاڳاپيل اتر اوڀر رياست ڪيلانٽن ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ مت??ثر ٿي آهي جتي 9 هزار کان وڌيڪ ڪٽنب مت??ثر ٿيا آهن. هن ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي سمورن وفاقي ۽ رياستي ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته ٻوڏ مت??ثرن جي رهائش جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. واضح رهي ته هر سال آڪٽوبر کان مارچ تائين سانوڻي جي برساتن دوران ملائيشيا جي اوڀر طرف سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ٻوڏ اچڻ معمول جي ڳالهه آهي جتي هر سال هزارين ماڻهو بي گهر ٿيندا آهن.
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری