سرينگر – 06 – نومبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪش??يرين اڄ شهداءِ ڄمون ڏهاڙو ان عزم جي تجديد سان ملهايو ته اهي شهيدن جي مشن کي پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪر?? تائين جاري رکندا. ڪش??ير ميڊيا سروس موجب نومبر 1947ع جي پهرين هفتي دوران ڊوگره مهاراجا هري سنگهه جي فورسز، ڀارتي فوج ۽ هندوتوا انتهاپسندن ڄمون خطي جي مختلف علائقن ۾ لکين ڪش??يرين کي ان وقت شهيد ڪري ڇڏيو هو جڏهن اهي پاڪستان طرف هجرت ڪري رهيا هئا. والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير، آزاد ڪش??ير ۽ پاڪستان جي مسجدن ۾ ڀارتي قبضي کان ڄمون ۽ ڪش??ير جي جلد آزادي جي لاءِ خصوصي دعاون گهريون ويون. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻن شبير احمد شاهه ۽ نعيم احمد خان نئين دهلي جي تهاڙ جيل مان جاري پنهنجي پيغامن ۾ چيو ته 1947ع ۾ ڄمون ۾ مسلمانن جو قتل عام ڪش??ير جي تاريخ جو سڀ کان افسوسناڪ واقعو آهي جنهن جي ياد 75 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به ڪش??يرين جي ذهنن ۾ تازي آهي. هنن عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها والاريل علائقي ۾ رتوڇاڻ بند ڪرائڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي. مودي جي قيادت هيٺ ڀارتي حڪومت ڪش??يرين جي روزمره جي سرگرمين تي نظر رکڻ جي لاءِ پوليس جي پي ايس ٽريڪر سان ليس ڪر?? جو منصوبو ٺاهيو آهي. ٻئي طرف پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي سرينگر ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي پوليس جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل دلباغ سنگهه جي ڪش??ير ۾ صورتحال معمول تي اچڻ بابت بيان تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن حيرت جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن والاريل علائقي ۾ حالتون ٺيڪ آهن ته مودي حڪومت ڪش??ير ۾ ماڻهن جي آزادي ڇو غضب ڪري رکي آهي؟ هن چيو ته ڪش??يري سرڪاري ملازمن جي جڳهه تي ڀارت جي هندوتوا ڪارڪنن کي ڀرتي ڪر?? هڪ وڏي قدم طور ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ۽ڪ شمير ۾ آزادي پسند سرگرمين جي حمايت جي الزام ۾ 55 مقامي ملازمن کي بطرف ڪري ڇڏيو آهي. اهو ان??شاف ڪش??ير جي لفيٽيننٽ گورنر منوج سنها نئين دهلي ۾ هڪ تقريب ۾ دوران ڪيو. اڄ اسلام آباد ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪش??ير شاخ ۽ ڪش??ير لبريشن ڪائونسل جي اهتمام هيٺ منعقد هڪ تقريب ۾ مقررين عالمي برادري تي ڪش??ير تڪرار جي حل تي زور ڏنو ته جيئن ان تباهي کان بچي سگهجي جيڪو حل طلب فلسطين مسئلي جي ڪري وچ اوڀر کي درپيش آهي.
ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين شهداءِ ڄمون ڏهاڙو پرپُور عزم سان ملهايو
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ