غزه-26 ڊسمبر (اي پي پي) اسرائيلي ??وج چيو آهي ته ڪيترن ئي اسرائيلي ??يڙهاڪن گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڏکڻ غزه ۾ 100 کان وڌيڪ هدفن تي حملا ڪيا آهن. الجزيره مطابق اسرائيلي ??وج پنهنجي ويب سائٽ تي جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ته انهن هدفن ۾ ز??ين اندر سرنگهن ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملا شامل آهن. ٻئي پاسي انجمن هلال احمر فلسطين چيو آهي ته اسرائيل غزه جي ڏکڻ شهر خان يونس ?? تنظيم جي هيڊ ڪوارٽر کي نشانو بڻايو آهي. هلال احمر طرفان ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته خان يونس ?? تنظيم جي هيڊ ڪوارٽر جي مٿاهين منزلن تي اسرائيلي توپ خاني جي بمباري ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيلي ??وجي ڪاررواين جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيل فلسطيني ماڻهن هلال احمر جي هيڊ ڪوارٽر ۾ پناهه ورتل آهي.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ