رياض -26 مارچ (اي پي پي ) سعودي عرب پاران غزه جي متاثرن لاءِ شروع ڪيل عوامي عطيو مهم ۾ هاڻي تائين 676 مل??ن ريال عطيو گڏ ٿي ويو آهي. اردو نيوز موجب شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان جي هدايتن تي غزه لاءِ ع??امي عطيو مهم جاري آهي . هاڻي تائين 17 لک 88 هزار ماڻهن غزه ۾ پنهنجي فلسطيني ڀائرن لاءِ عط??ا گڏ ڪرايا آهن. مهم شروع ڪرڻ جو اعلان انساني خدمتن ۽ امداد بابت شاهه سلمان مرڪز جي نگران مشير ڊاڪٽر عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ڪيو هيو. غزه متاثرن لاءِ شروع ڪيل مهم ۾ سڀ کان پهرين شاهه سلمان بن عبدالعزيز پاران 30 مل??ن ريال عطيو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان 20 مل??ن ريال جو عطيو مرڪز جي ساهم پورٽل ۾ جمع ڪرايو ويو .
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔