نيويارڪ-29 مارچ (اي پي پي) آمريڪي عدالت ڊجيٽل ڪرنسي ايڪسچينج ۽ هيج فنڊ ايف ٽي ايڪس جي شريڪ باني سام بينڪ مين ??را??يڊ کي ڊجيٽل ڪرنسي جي صارفين سان ڌوکي جي جي ڏوهه ۾ 25 سال قيد جي سزا، 11 ارب ڊالر ادائيگي جو ح??م ڏئي ڇڏيو. آمري??ي وڪيلن سام بينڪ مين ??را??ڊ کي تاريخ جي سڀ کان وڏي مالي فراڊ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. بي بي سي موجب آمري??ي وڪيلن ان کي تقريبن 50 سال قيد جي سزا ٻڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو جڏهن ته سام بينڪ مين ??را??ڊ جي وڪيلن ان کي 6 سال قيد جي سزا ٻڌائڻ جي درخواست ڪئي هئي. ٻنهي پاسن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ نيويارڪ جي جج ليول ڪپلان کيس 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي. جج ان موقعي تي چيو ته ان ڳالهه جو خطرو آهي ته ڏوهاري موق??و ۽ اختيار ملڻ تي مستقبل ۾ وڌيڪ ڏوهه ڪري سگهي ٿو ۽ هي ڪو معمولي خطرو ناهي. 32 سالن جي سام بينڪ ??را??ڊ مين کي نومبر ۾ به 7 ڪيسن ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي جنهن ۾ وائر فراڊ، سيڪيورٽيز فراڊ جي سازش ۽ مني لانڊرنگ جا الزام شامل آهن.
آمريڪا، ڊجيٽل ڪرنسي ايڪسچينج جي شريڪ باني سام بينڪ مين فرائيڊ کي فراڊ جي ڏوهه ۾ 25 سال قيد جي سزا، 11 ارب ڊالر ادائيگي جو حڪم
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز