بيجنگ -17 اپريل (اي پي پي) چين جي گڏيل ملڪي پيدا??ار ۾ هلندڙ سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ 5.3 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق بلومبرگ ج?? تجزيڪارن ان عرصي ۾ 4.8 سيڪڙو اوسر واري شرح جي اڳڪٿي ڪئي هئي، جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب گڏيل ملڪي پيدا??ار ۾ نمايان طور تي 5.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. چين جي سرڪاري انگن اکرن واري اداري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آ??ي، ته قومي معيشت بح??لي جي رفتار کي برقرار رکيو آهي. صنعتي پيدا??ار ۽ زراعت ۾ ترتيب??ار 6.1 سيڪڙو ۽ 3.8 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته سروسز سيڪٽر ۾ 5 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آ??ي، ته چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي ۽ صدر شي جن پنگ جي مضبوط قيادت ۾ معيشت سٺي شروعات ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج