ايناپولس-07 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن بنگلاديش جي عبوري حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي، ته اها جمهوري اصولن جو احترام ڪري. هن صحافين ??ان ڳالهائيندي چيو ته بنگلاديش جي عبوري حڪومت کي پنهنجي فيصلن ۾ جمهوري اصولن جو احترام، قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ عوامي خواهشن جي عڪاسي ڪرڻ جي ضرورت آهي. جڏهن ته آ??ري??ا جي دوري تي آيل آسٽريلوي پرڏيهي وزير پيني ووگ به بنگلاديش ۾ سمورين ڌرين کي تشدد کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. آمريڪي رياست ميري لينڊ جي شهر ايناپولس ۾ آمريڪي نيول اڪيڊمي ۾ صحافين ??ان ڳالهائيندي آسٽريلوي وزير چيو ته اسان بنگلاديش ۾ سمورين ڌرين کان مطالبو ڪ??ون ٿا ته هو انساني حقن جو احترام ڪن. تازن واقعن جي مڪمل، آزاد ۽ غير جانبداراڻي جاچ تي زو?? ڀر??ون ٿا.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش