اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي معاملي تي ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ بيگناهه ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي خلاف پاڪستان ڀارت سان سفارتي لاڳاپن ۾ گهٽتائي آڻڻ، ڀارت سان ٻطرفو واپار معطل ڪرڻ، سمورين ٻطرفن معاهدن تي نظرثاني ڪرڻ، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل سان رجوع ڪرڻ ۽ 14 آگسٽ تي پاڪستان جو آزا??ي جو ڏهاڙو ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 15 آگسٽ تي ڀارت جو آزا??ي جو ڏهاڙو ڪاري ڏينهن طور تي ملهايو ويندو. پارليامينٽ جي گ??يل اجلاس ۾ والاريل ڪشمير جي ??ور??حال تي جاري بحث سهيڙيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت 5 آگسٽ تي جيڪي قدم کنيا انهن جي فوري مذمت ڪئي وئي ۽ انهن کي رد ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج