اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٽله جوگيان نيشنل پارڪ ۽ سالٽ رينج نيشنل پارڪ جو افتتاح ڪيو. هن پدري وائلڊ لائيف گيم رزارٽ سوهاوه ۾ زيتون جو ٻوٽو هنيو. وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سندس ويزن ۽ قومي ٽوئرازم اسٽريٽجي 2030ع تحت سڄي ملڪ ۾ تاريخي ۾ قومي ورثي جي حوالي سان اهم جاين جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي جنهن سان ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت جو تحفظ اسان جي تاريخ ۽ قومي ورثي کي اجاگر ڪري سگهجي. وزيراعظم ج?? موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ٽله جوگيان نيشنل پارڪ ۽ سالٽ رينج نيشنل پارڪس ڇهه پروٽيڪٽيڊ ايرياز ۾ شامل آه??. ڇهه پروٽيڪٽيڊ ايرياز ۾ انهن نيشنل پارڪس کانسواءِ خير?? مورت نيشنل پارڪ، ڇنجي نيشنل پارڪ، نمل ويٽ لينڊ ۽ چشما ويٽ لينڊ ريزروز شامل آه??. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته سالٽ رينج ايڪالوجي ۽ هريٽيج پروينشن پلان 7 مرحلن تي ٻڌل آه?? انهن مان اڄ پهر??ن مرحلي جي شروعات ڪئي پئي وڃي. عملدارن پاران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سالٽ رينج اهڙو تاريخي قدرتي ثقافتي ورثو آه?? جيڪو اڃا تائين دنيا جي نظرن کان اوجهل آه??. ٻڌايو ويو ته 300 ڪلوميٽر ڊگهو علائقو اڪالوجيڪل، بيالوجيڪل ڪلچر هيريٽيج ڪوريڊور ۽ مختلف مذهبن جي تاريخي جاين جي حوالي سان انتهائي اهميت رکندڙ آه??. هي ??لائقو قديم تاريخي ورثو ۽ قيمتي ٻيلا رکندڙ آه?? جنهن ۾ وڏو انگ جهنگلي زيتون جو آه??. خطي ۾ پري هندو ازم کان وٺي ٻڌمت يونان گکڙ ۽ مغليه دور جي لاتعداد آثار سان مالامال آه??. بابا گرو نانڪ سڪندر اعظم ۽ ٻين اهم شخصيتن جي ڌيان جو مرڪز رهيو آه??.
وزيراعظم عمران خان پاران ٽله جوگيان نيشنل پارڪ ۽ سالٽ رينج نيشنل پارڪ جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات