اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن معاشري ۾ عورتن جي بلند مقام ۽ مختلف شعبن ۾ انهن جي واکاڻ جوڳين خدمتن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، دين اسلام عورتن کي بي مثال حق ڏنا آهن، پاڪستان جو آئين عورتن جي حقن جو ض??من آهي. عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبل?? فراز چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ عورتن روشن ڪردار ادا ڪيو آهي، معاشري کي مهذب ۽ روشن خي??ل بڻائڻ لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لازمي آهي. هن چيو ته عورتن کي ترقي جي برابر موقعن ۽ حقن جي يقين?? فراهمي سان معاشري ۾ طاقتور ۽ محفوظ بڻائڻ اسان جو پختو عزم آهي.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا