اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماکيءَ جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ??هي ته واپار واري وزارت سٺي معيار جي ماکيءَ عالمي منڊين تائي?? پهچائڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ قدم کڻي، مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪستان مگس باني ايسوسيئيشن جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه پاڪستان ۾ ماکي جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جي اعليٰ معيار جي ماکيءَ کي عالمي منڊين ۾ موڪلڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ واپار واري وزارت قدم کڻي. هن چيو ??ه پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جي ماکي جي پيداوار جي صلاحيت موجود آهي. مگس باني جي شعبي سا?? لاڳاپيل ماڻهن کي جديد رخن ??ي تربيت جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ??ه مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن. وفد صدر کي مگس باني جي شعبي ۾ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو.
واپار واري وزارت سٺي معيار جي ماکيءَ عالمي منڊين تائين پهچائڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ قدم کڻي: صدر
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ