اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته ريلوي جهڙي قومي اداري کي خساري مان ڪڍڻ جي لاءِ بنا رڪاوٽ سڌاراجاتي عمل ضروري آهي، بهتر ريلوي نظام سان نه رڳو عوام کي اچ وڃ جي بهتر سهولت ملندي پر ٽريفڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ معاشي بهتري ۾ پڻ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ريلويز ۾ جاري سڌاراجاتي عمل، ڪراچي سرڪلر ريلوي من??وبي ۾ اڳڀرائي ۽ پرائم من??ٽري ريلوي گرين انيشيئيٽو جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ريلوي واري وفاقي ??زي?? محمد اعظم خان سواتي، من??وبابندي واري وفاقي ??زي?? اسد عمر، اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ??اڪٽر عشرت حسين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڪراچي شهر جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته لاهور ڪراچي ريلوي ٽريڪ جي متوازي مال بردار ??اڏين جي لاءِ هڪ مخصوص فريٽ ڪوريڊور ٺاهڻ جو من??وبو غور هيٺ آهي، جنهن ذريعي ??پري کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ سان ڳنڍيو ويندو، ان ڪوريڊور جي نتيجي ۾ مال برداري ۾ آساني ۽ شهر ۾ ٽريفڪ جي مسئلن ۾ گهٽتائي ٿيندي. ڪراچي سرڪلر ريلوي من??وبي جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان پاڪستان ريلوي بي او ٽي بنيادن تي ماڊل تيار ??يو آهي جنهن ذريعي ??سافرن کي بهتر سروس جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهبو. من??وبي جي ٽيڪنيڪل ڊيزائن ۽ فنانشل ماڊل جي تياري جي حوالي سان ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪو 30 ڏ??نهن ۾ پنهنجون تجويزون پيش ڪندو. ريلوي سڌارن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته پاڪستان ريلويز جي نقصانن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ اداري کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي حوالي سان تفصيلي سڌاراجاتي پروگرام تي ڪم جاري آهي.
ريلوي کي خساري مان ڪڍڻ لاءِ سڌاراجاتي عمل ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں