اسلام آباد – 23 اپريل (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 144 فوتگيون ٿيون جنهن ??ان 57 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 5 هزار 870 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 85 ??يڪ??و، لاهور ۾ 82 ??يڪ??و، گجرانوالا ۾ 88 ??يڪ??و ۽ مردان ۾ 65 ??يڪ??و مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 76 ??يڪ??و، گجرانوالا ۾ 85 ??يڪ??و، نوشهره ۾ 71 ??يڪ??و ۽ مردان ۾ 70 ??يڪ??و مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 53 هزار 818 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 659، پنجاب ۾ 26 هزار 91، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 729، اسلام آباد ۾ 4 هزار 713، ??لو??ستان ۾ 1 هزار 135، گلگت بلتستان ۾ 391، آزاد ڪشمير ۾ 1100 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 6 لک 82 هزار 290 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ ??لو??ستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن ??قت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 562 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 84 هزار 976 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 7 لک 84 هزار 108 آهي.
ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 144 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔