اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ چ??ني صدر شي چن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ چ??ن پاڪستان اقتصادي لنگهه سي پيڪ جي ترقي کي بلند معيار تي فروغ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل خطن جي مٽاسٽا ڪئي آهي ۽ پنهنجي پنهنجي حڪومتن ۽ عوام پاران هڪٻئي کي ??بارڪباد ڏني، صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي چيني هم منصب جي نالي خط ۾ چيو ته هن تاريخي موقعي تي اسان پاڪستان ۽ چ??ن دوستي کي ??ئين بلندين تائين وٺي وڃڻ ۽ گڏيل مستقبل ج?? حامل ويجهي پاڪ چين ڪميونٽي کي جوڙڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيني صدر جي سٺي صحت ۽ چ??ن جي عوام جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف چين جي صدر شي چن پنگ پنهنجي خط ۾ چيو ته چين ۽ پاڪستان هر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽريٽجڪ پارٽنرز آهن، جيڪي سدائين بنيادي مفاد ۽ وڏي اهميت رکندڙ معاملن تي هڪٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ دوستي 70 سالن کان قائم ۽ دائم آهي، جيڪا ٻنهي ملڪن جي عوام جو سڀ کان قيمتي اثاثو بڻجي چڪي آهي.
پاڪستان ۽ چين جي صدرن پاران ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم