اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسي?? چيو آهي ته اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهر??ي، اسلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا جي لاءِ اڻٽر آهي، نبي ڪريم ﷺ رحمت اللعالمين آهي، وزيراعظم عمران خان سچو عاشق رسول ﷺ آهي، حڪومت اسلامو فوبيا جي حوالي سان ع??لمي سطح تي آواز بلند ڪيو. اها ڳالهه هن بين الاقوامي بين المذاهب امن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته اسلام تلوار سان پکڙيو، صوفين اسان کي اسلام جي عظيم مذهب کان اسان کي روشناس ڪر??يو. ه?? چيو ته اسلام اسان کي امن جو درس ڏي ٿو، بين المذاهب هم آهنگي پرامن دنيا لاءِ اڻٽر آهي، ه?? چيو ته سياست ۾ هر شيءَ کي ٽوڙي مروڙي ڪري پ??ش ڪيو ويندو آهي، اسان وٽ هتي به اهڙا مسئلا موجود آهن، اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهر??ي، چوڌري فواد حسي?? چيو ته ان کان وڏو ظلم ڪو ٿي نٿو سگهي ته ٻنهي جهانن جي سرڪار ﷺ جي نالي کي ننڍن ننڍن ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي، ه?? چيو ته مذهب جي نالي تي شدت پسندي کي رد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن کي قومي سطح تي پ??هنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهر??ي، ٻاهرين عملن تي ڳالهه ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، هن بين المذاهب امن ڪانفرنس جي انعقاد تي مذهبي معاملن واري وزارت ۽ ٻين منتظمين کي مبارڪباد پيش ڪئي.
اسلام ۽ نبي ڪريم ﷺ جي نالي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی