جنيوا -04 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبد??لي بابت وفاقي وزير شيري رحمان موسمياتي تبد??لي کي جديد دور جو هڪ وڏو چئلينج قرار ڏي??دي چيو آهي، ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبد??لي سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. حڪومت سمورا گهربل وسيلا ڪتب آڻي متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان کي هنگامي بنيادن تي دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آهي، متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ به قدم کڻڻا پوندا، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا اڳيان وڌي. اهڙو اظهار هن جنيوا ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي گڏيل نظرثاني ٿيل فليش 2022ع اپيل جي شروعاتي تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبد??لي ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبد??لي جي اثرن ۾ اسريل ملڪن جي ذميواري وڌيڪ آهي، دنيا کي موسمياتي تبديلين جو چئلينج سامهون آهي، جديد دور جي مختلف چئلينجن مان موسميات تبد??لي هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته موسمياتي تبد??لي سبب پاڪستان تمام خراب ريت متاثر ٿيو آهي، هاڻوڪي ٻوڏ موسمياتي تبد??لي جو هڪ واضح مثال آهي، پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ سبب تباهي ٿي آهي، جنهن جو شمار صدي جي سڀ کان وڏي آفت ۾ ٿئي ٿو. هن چيو ته ٻوڏ سبب 1700 کان وڌيڪ حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي ماڻهن جي گهرن ۽ ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي، اسان اڃا به ريسڪيو ۽ رليف جي مرحلي ۾ آهيون، بوڏ متاثرن جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي. حڪومت ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ جي زراعت ۽ بنيادي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڃا به لکين ماڻ??و امداد جا منتطر آهن. اڃا به ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، اسان کي هنگامي بنيادن تي دوائن ۽ طبي سهولتن جي ضرورت آهي. هن چيو ته سياري جي مند اچڻ واري آهي، ٻوڏ متاثرن کي ٿڌ کان بچائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا کي اڳيان وڌڻو پوندو. حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ??ري رهي آهي، پاڪستان اڪ??لي سر ٻوڏ جي تباهڪارين کي نٿو منهن ڏئي سگهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي سطح تي قدم کنيا وڃن.
پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب ٻوڏ وڏي پئماني تي تباهي ڪئي، ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دنيا اڳيان وڌي: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea