اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ، مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ ان جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبي جي خصوصي ماڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قان??نن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، تعليم واري وزارت، صحت وا??ي عالمي اداري ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چ??و ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبي جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻهن جي چرپر ۽ عوامي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائي انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائي سگهجي ٿو. هن چ??و ته معذور ماڻهن کي تعليم، هنر ۽ ملازمتون فراهم ڪري معاشري ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. خصوصي ماڻهن کي مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته پاڪستان جي آبادي جو 10 کان 15 سيڪڙو يا اٽڪل 22 ملين ماڻهو خصوصي ماڻهن تي ٻڌل آهن، خصوصي ماڻهن جي ايڏي وڏي آبادي کي قيمتي اثاثي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته سرڪاري ۽ نجي شعبي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قان??نن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. لاڳاپيل ريگيوليٽري اٿارٽيز کي سڀني سرڪاري ۽ نجي عمارتن، انفراسٽرڪچر، اسڪولن ۽ صحت جي سهولتن جي هڪ جامع آڊٽ ڪرائڻ جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. صدر ملڪ ۾ سمورين تعليمي سهولتن کي خصوصي ماڻهن جي ضرورتن موجب بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چ??و ته سڀني تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي خصوصي ماڻهن کي داخلا ڏيڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. ڊسمبر جو پورو مهينو خصوصي ماڻهن جي مهيني طور ملهائڻ گهرجي. صدر چ??و ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جا ادارا خصوصي ماڻهن جي حقن بابت شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم هلائين.
خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ، مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ ان جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena