اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ ??باهي ۽ متاثر علائقن جي بحالي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان م??جب ٻنهي پرڏيهي وزيرن گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان م??جب ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وسيع البنياد ايجنڊا تي عمل پيرا ٿيڻ جي گڏيل خواهشن کي ورجايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ بوڏ کانپوءِ 97 ملين ڊالر جي انساني امداد فراهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن کي پاڪستان پاران بحالي ۽ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ کنيل قد??ن کان آگاهه ڪيو. هن آمريڪي پرڏيهي وزير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ منعقد ٿيندڙ ??المي ڪانفرنس بابت پڻ آگاهه ڪيو. آمريڪي پرڏيهي وزير ان م??قعي تي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪي انتظاميا جي مسلسل حمايت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار