اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ توانائي وسيلن جي بيورو جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جيفري پياٽ وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. جيفري پياٽ پاڪ – آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي لاءِ آمريڪي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزير??عظ?? پاڪستان آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ منعقد ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. اسسٽنٽ سيڪريٽري قابل تجديد توانائي جي پاليسي تي پاڪستان کي ساراهيو. وزير??عظ?? پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسمياتي ت??ديلي جهڙن شعبن ۾ جاري ڳ??له??ن ۽ تعاون جي آجيان ڪئ??. م??اقات دوران ٻنهي طرفن کان اقتصادي ت??قي، توانائي جي حفاظت، ٻوڏ کان بحالي جي ڊگهي مدي واري ڪوششن ۾ حصيداري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. پاڪ آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ هڪ گڏيل قدم آهي جنهن جو مقصد توانائي جي حفاظت کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ اهو آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي توانائي جي ت??جيحن، قابل تجديد توانائي جي منتقلي کي اڳتي وڌائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ اقتصادي ۽ واپاري موقعا ڳولڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڳ??له?? ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو رهندو. ملاقات دوران سمنڊ، ماحوليات ۽ سائنس بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري مونيڪا ميڊينا جيڪا سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي، وزير??عظ?? کي ٻڌايو ته هوءَ پاڪ آمريڪا موسمياتي ۽ ماحوليات ورڪنگ گروپ جي ميٽنگس جي لاءِ هڪ وفد جي قيادت ڪري رهي آهي. هن ان عزم کي ساراهيو جنهن سان پاڪستان حڪومت گذريل سال جي ت??اهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. ڏکڻ وچ ايشيا بابت پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ ۽ چيف ڪلائميٽ آفيسر، ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جيڪ ليوين پڻ وفد ۾ شامل هئا. سينيئر آمريڪي سفارتڪارن بائيڊن انتظاميا جي پاڪستان آمريڪا لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسمياتي ت??ديلي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، موسمياتي ت??ديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، پاور وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، وزير??عظ?? جو صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزير??عظ?? جا خاص معاونين طارق فاطمي، جهانزيب خان ۽ سيد فهد حسين پڻ موجود هئا.
پاڪستان توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری