اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جو آئين صحافت جي آزادي ۽ شهرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جو ضامن آهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 2018ع کان 2022ع تائين صحافت هڪ ڏکئي دور مان گذري، پي ٽي آءِ جي چار سالا دور ۾ اهڙي پراسرار سينسرشپ جاري هئي ??نه?? صحافين کي خوفزده ڪيو، ان وقت جي وزيراعظم کي ??ال??ي ادارا ”پريس فريڊم پريڊيٽر“ جو شرمناڪ خطاب ڏنو، عمران خان نه رڳو صحافين جو آوا?? بند ڪيو پر انهن تي ظلم ڪيا، انهن کي اغوا ڪيو، گوليون هنيون. صحافت جي آزادي جي ??ال??ي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزادي جو ??ال??ي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت پريسجي آزادي تي پڪو يق??ن رکي ٿي. پاڪستان جو آئين صحافت جي آزادي ۽ شهرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جي ضمانت ڏي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير صحافت جي آزادي جي ??ال??ي ڏينهن جي موقعي تي انهن صحافين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن سچ جي ڳولا ۾ پنهنجي جانيون وڃايون. هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان ۾ 2018ع کان 2022ع تائين صحافت هڪ ڏکئي دور مان گذري، پي ٽي آءِ جي چار سالن ۾ ملڪ ۾ هڪ اهڙي ”پراسرار سينسرشپ“ جاري هئي ??نه?? صحافين کي خوفزده ڪيو. هن چيو ته 2017ع ۾ ورلڊ پريس فريڊم انديڪس ۾ پاڪستان 139 هين نمبر تي هو، پي ٽي آءِ جي ميڊيا دشمن پاليسين جي ڪري پاڪستان جي درجابندي ۾ 12 پوائنٽ جي وڌيڪ گهٽتائي ٿي. ان وقت وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺل شخص کي پريسفريڊم پريڊيٽر جو شرمناڪ خطاب ڏنو ويو، عمران خان پنهنجي چار سالا دور ۾ نه رڳو صحافين جو آوا?? بند ڪيو پر انهن تي ظلم ڪيا، انهن کي اغوا ڪيو، صحافين جي پيٽ ۾ گوليون هنيون، پي ٽي آءِ جو چار سالا دور صحافين جي لاءِ خطرناڪ دور هو. هن چيو ته عمران خان صحافت تي پابنديون هنيون، اهڙي طرح پابنديون لڳائڻ سان چار ڏينهن ته پنهنجو موقف ڏئي سگهجي ٿو پر آخرڪار سچائي مڃڻي پوي ٿي، اڳوڻي حڪومت رياست پاران صحافين جي زبان بندي جي لاءِ دٻاءُ وڌايو. هن پنهنجي غلطين تي نظرثاني ڪرڻ بدران پنهنجي ناڪامين جي ڪاوڙ صحافين ۽ صحافتي ادارن تي ڪڍي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ ملڪ ۾ صحافت مڪمل طور تي آزاد آهي. هن چيو ته صحافي معاشري کي طاقتور بڻائين ٿا، چوڻي آهي ته معلومات ۾ طاقت آهي ۽ صحافي توهان کي اها طاقت ڏين ٿا. حڪومت صحافين جي تحفظ جي لاءِ عملي قدم کڻندي رهندي.
پاڪستان جو آئين صحافت جي آزادي ۽ شهرين جي صحيح معلومات تائين پهچ جي حق جو ضامن آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : comprar raspadinha