اسلام آباد -03 جون (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ل??مڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبرو اوزدمير جي ترڪيه ?? ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ تعميراتي انفرااسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ دستياب موقعن جي ڳولا باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ان سلسلي ۾ ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبرو اوزدمير پاڪستان ۾ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن سان سڌو سنئون ڳالهين لاءِ جلدي پاڪستان جو دورو ڪندي. اطلاعات واري وزير چيو ته ان جي دوري جو مقصد پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ ۾ سهڪار لاءِ گڏيل منصوبن کي حتمي شڪل ڏيڻ آهي. وزيراعظم شهباز شريف سان ترڪيه ?? ملاقات دوران ايبرو اوزدمير گلوب?? انجنيئرنگ گرلز (جي اي جي) پراجيڪٽ جي حوالي سان ??فص??لن جي ڏي وٺ ڪئي. گلوب?? انجنيئرنگ گرلز پراجيڪٽ نيڪسٽ جنريشن بابت عورت انجنيئرز، ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم، رهنمائي ۽ ڪيريئر جا موقعا فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته پاڪستان ۾ ه?? منصوبو تعليم، سائنس، ٽيڪنالاجي انجنيئرنگ ۽ رياضي ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين کي تجربو فراهم ڪندو ۽ کين پنهنجو مستقبل بهتر بڻائڻ جي قابل بڻائيندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ليمڪ هولڊنگ بورڊ جي سربراهه ايبرو اوزدمير جي ترڪيه ۾ ملاقات، تعميراتي انفرااسٽرڪچر ۽ توانائي جي شعبن ۾ دستياب موقعن جي ڳولا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا