اسلام آباد- 14 جون (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آهي ته سامونڊي طوفان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار ??هي??ن، ايل اين جي جي سپلائي ۾ خلل آيو آهي، پاور پلانٽس کي گئس جي فراهمي جو متبادل انتظام ڪيو ويو آهي، بجلي جي بحالي لاءِ ٻين ڪمپنين کان به ٽيمون حيسڪو جي ??لا??قن ۾ موڪليون پيون وڃن، اسان جي ڪوشش آهي ته گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سامونڊي طوفان بائپر جوائي کان اڃان تائين بجلي جي پهچ ۾ ڪو خلل ناهي آيو، ٺٽو، بدين ۽ ٻين ??لا??قن ۾ تيز هوائن جو سلسلو آهي جيڪڏهن فلائيٽ ملي وئي ته اڄ شام جو آئون پاڻ سنڌ روانو ٿيندس. خرم دستگير چيو ته پاور ڊويزن جي سيڪريٽري سان گڏ ٻين ٽن سينئر آفيسرن کي سنڌ موڪليو پيو وڃي، طوفان سبب متاثر ??لا??قا حيسڪو جي ??لا??قي ۾ آهن، طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻين ڪمپنين کان ٽيمون موڪلي رهيا ??هي??ن. هن چيو ته لاهور، گجرانوالا، فيصل آباد، ملتان ۽ سکر کان ٽيمون پهچنديون. 2 هزار ماڻهن تي ٻڌل بجلي نظام ۾ بهتري لاءِ اهلڪار موڪلي رهيا ??هي??ن، 2 هزار اهلڪارن کي موڪلڻ هڪ قومي ڪوشش آهي، ٻوڏ دوران به پاور ڊويزن بهترين ڪم ڪيو هو، هن چيو ته اڃان تائين اندازو ناهي ته هن طوفان جا اثر ڪهڙا هوندا، طوفان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان پوري طرح تيار ??هي??ن، اڃان تائين ايل اين جي جي سپلائي ۾ رنڊڪ آئي، ايل اين جي سپلائي ۾ رنڊڪ سان پاور پلانٽس کي گئس جي فراهمي رڪجي وئي آهي، گئس جي سپلائي لاءِ متبادل جو انتظام به ڪيو ويو، ڪ?? اليڪٽرڪ کي گئس جي فراهمي لاءِ انتظام ڪيو ويو آهي، گئس سپلائي ۾ رنڊڪ سان بجلي جي لوڊشيڊنگ ۾ هڪ ڪلاڪ جو اضافو ٿيندو، طوفان سبب ايمرجنسي جي صورتحال چئن ڏينهن تائين رهي سگهي ٿي، ڪجهه ??لا??قن ۾ شايد اسان کي انساني جانين جي تحفظ لاءِ بجلي بند ڪرڻي پئجي سگهي ٿي، هن چيو ته جيڪڏهن 90 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار کان وڌيڪ هوا هوندي ته ونڊ مان پيداوار گهٽ ٿيندي، ا??و سڀ ڪجهه اڃان تائين امڪانن ۾ آهي في الحال سڌو سنئون ڪا اهڙي صورتحال ناهي، جيڪڏهن ايل اين جي نه هجڻ سبب اثر پوي ٿو ته 15 سئو ميگاواٽ جو شارٽ فال اچي ها، ڪراچي کي هاڻي گئس فراهم ڪئي آهي ته شايد اثر پوندو، اسان جي ڪوشش هئي ته گرمي جي موسم ۾ لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ ٿئي، ڪ??شش به آهي ته گرمي جي موسم ۾ شهري ??لا??قن ۾ 4 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگن ه ٿئي، وفاقي وزير ته حڪومت جي ڪوشش آهي ته صارفين تي بار گهٽ کان گهٽ پوي. ملڪ ۾ بجلي جي پيدوار 41 هزار ميگاواٽ تائين آهي، جڏهن ته اڪثر ڪارخانا مهانگي بجلي پيدا ڪن ٿا ته ڪوشش آهي ته متبادل ۽ سستي نظام تي وڃون.
سامونڊي طوفان سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهيون: انجنيئر خرم دستگير خان
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری