اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ??طن واپسي ۾ ڊيل جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت ڪنهن به ڊيل جو حصو ڇو بڻجندي، نواز شريف عدالتي فيصلي تحت ملڪ مان ٻاهر ويو ۽ کيس وطن واپسي تي ڪجهه قانوني سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو، نگران حڪومت مسلم ليگ (ن) جي ??اءِ ڪابه نرم دل نٿي رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل پليٽ فارم ”وي نيوز“ کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. جڏهن نگران وزيراعظم کان سوال ڪيو ويو ته نواز شريف ڪنهن ڊيل تحت واپس اچي رهيو آهي ته نگران وزيراعظم جواب ڏنو ته هڪ نگران حڪومت اهڙي طرح جي ڪنهن به ڊيل جو حصو نه بڻجندي ۽ ڇو بڻجندي. نواز شريف جڏهن هڪ عدالتي فيصلي تحت ملڪ مان ٻاهر ويو ته ??ن وقت عمران خان جي حڪومت هئي، ان وقت نه ته نگران سيٽ اپ هو ۽ نه ئي پي ڊي ايم پارٽين جي حڪومت هئي. هن چيو ته نواز شريف کي وطن واپسي تي ڪجهه قانوني سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ انهن سوالن جا جواب به قانوني آهن. انوارالحق ڪاڪڙ مسلم ليگ (ن) جي ??اءِ نرم دل رکڻ جي تاثر کي به مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نگران وزيراعظم بڻجڻ کان اڳ منهنجُ??ن مريم نواز، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان، آصف علي زرداري ۽ 9 مئي جي ??اقعن کان اڳ عمران خان سان به ملاقاتون ٿيون. هن چيو ته ??ئون ڪو بيوروڪريٽ نه آهيان پر هڪ پارليامينٽ ميمبر هيس ۽ اتان استعيفيٰ ڏئي مون هي منصب سنڀاليو آهي ۽ ڪهڙي سياسي پارٽي يا ڪهڙا ماڻهو هوندا جيڪي مون سان ملاقاتون نه ٿا ڪن تنهن ڪري ڪنهن هڪ ملاقات کي هڪ پارٽي سان ڳنڍڻ انصاف تي ٻڌل ناهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان هڪ اسرندڙ جمهوريت آهي جتي آئيني نظام موجود آهي ۽ هتي عدالتي طريقيڪار جي ??ڪ پنهنجي اهميت آهي. هن چيو ته ??مران خان سميت ڪنهن به سياسي شخصيت بابت جيڪو به فيصلو ٿيندو اهو عدالتي عمل جي ??تيجي ۾ ٿيندو، جيڪڏهن عدالتي عمل جي ??تيجي ۾ عمران خان کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ملي ٿي ته هو حصو وٺندو پر جيڪڏهن نه ته ??ئون ڪيئن ان تي پابندي کي ختم ڪري سگهان ٿو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ??ندس اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سان جيتري??ن ملاقاتون ٿيون آهن ان موجب چونڊن جون تياري??ن مڪمل آهن ۽ چونڊون پنهنجي ??قرر وقت تي ئي ٿينديون پر چونڊن ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان خدشا ختم ڪرڻ جي ??اءِ قدم جاري آهن. اليڪشن ڪميشن جنوري ۾ چونڊن جي حوالي سان پنهنجا انتظام گهڻي حد تائين مڪمل ڪري چڪي آهي، تڪبندين سميت ٻين معاملن تي ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، سيڪيورٽي ۽ پولنگ بوٿ جي حوالي سان به انتظام حتمي مرحلي ۾ آهن ۽ کيس ڪو به شڪ نه آهي ته ??نهن تاريخ جو به اعلان ڪيو ويندو، ان تي چونڊون ٿي وينديون. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڪجهه سياسي اڳواڻ چئي رهيا آهن ته ??رديءَ ۾ برفباري سبب و??ٽنگ جي شرح گهٽ ٿئي ٿي ته نگران وزيراعظم چيو ته ووٽنگ جي شرح گهٽ نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته ??مهوريت جي گهرج آهي ته وڌ کان وڌ ماڻهو فيصلاسازي جي عمل ۾ شريڪ ٿين. هن چيو ته موسم هڪ عامل ضرورت هوندي آ??ي پر ملڪ جي ??ڌيڪ آبادي وارن علائقن سنڌ ۽ پنجاب ۾ موسم جا اثر اهڙي نوعيت جا ناهن هوندا، ها باقي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ موسم جا ٿورا اثر پئجي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن آئين ۾ ڏنل پنهنجي حدن جي حساب سان ئي ڪو فيصلو ڪندي. غيرقانوني پناهگيرن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ??سان ڪنهن به قسم جي ??ناهگيرن کي نه ڪڍي رهيا آهيون پر رڳو غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ڪڍي رهيا آهيون. پاڪ ڀارت لاڳاپن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي ??اڳاپن ۾ آر ايس ايس جي سوچ ۽ ڪشمير جو مسئلو رڪاوٽ آهي، آئون سمجهان ٿو ته ٻنهي ملڪن جي ??اڳاپن ۾ بهتري اچڻ گهرجي ??ر حقيقت پسنداڻي طور تي ڏٺو وڃي ته في الحال ان جا ڪي به امڪان نظر نه ٿا اچن. هن چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ هٽيءَ قائم ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارت ۾ مسلمانن، سکن ۽ ٻين اقليتن جي ??اءِ زندگي مشڪل بڻائي وئي آهي. اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي امڪانن بابت سوالن جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ??ن بابت ڪو به غور فڪر نه ٿي رهيو آهي. اسرائيل هڪ غاصب رياست هئي ۽ آهي ۽ اسان فلسطينين جي حقن ۽ فلسطيني پناهگيرن جي انهن جي زمينن تي واپسي جا حامي آهيون. معيشت بابت هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ کڻڻ وارن قدمن جا ڏورس اثر پوندا، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو قيام قانونسازي جي ??تيجي ۾ عمل ۾ آيو آهي ۽ وڏا معاشي فيصلا ان??ي پليٽ فارم تان ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ڊالر جي اگهه جو هيٺ اچڻ اڳ ۾ به ٿيو آ??ي پر ڊالر جي اگهه ۾ 40 کان 45 رپين جي ??ڪدم گهٽتائي پهريون ڀيرو ٿي آهي ۽ جيئن ته ??ام ماڻهن، ميڊيا ۽ ڪاروباري طبقي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ??ائدن کي ڏسي ورتو آهي، ان جي ??اءِ ان جو جاري رهڻ ضروري هوندو. هن چيو ته ??صوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ فوج مددگار ڪردار ادا ڪندي معاشي بحالي جي عمل کي سگهه ڏئي رهي آهي. بلوچستان جي ??سئلن جي حوالي سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ??لوچستان جو هڪ مسئلو سيڪيورٽي آهي ۽ ٻيو وسيلن جي گهٽتائي ۽ ڪجهه انتظامي خاميون شامل آهن. نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ??وبي ۾ گهوسٽ اسڪولن ۽ بنيادي صحت جي ??رڪزن جي ??شاندهي ڪئي وئي، انهن مان ڪجهه ماڻهن مالي فائدو کنيو پر بلوچستان جي عوام متاثر ٿي.
نگران حڪومت ڪنهن به ڊيل جو حصو نه بڻجندي، نواز شريف عدالتي فيصلي تحت ملڪ مان ٻاهر ويو ۽ کيس وطن واپسي تي ڪجهه قانوني سوالن کي منهن ڏيڻو پوندو، نگران حڪومت مسلم ليگ (ن) جي لاءِ ڪابه نرم دل نٿي رکي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد