اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ريڪوڊڪ من??وبو بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ان من??وبي سان صوبي جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي لاءِ نئين دو?? جي شروعات ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن بيرڪ گولڊ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارڪ برسٽوو جي سرب??اه?? ۾ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪيمشن محمد جهانزيب ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ريڪوڊڪ من??وبو بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ان من??وبي سان صوبي جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي نئين دو?? جي شروعات ٿيندي، بلوچستان ۾ معدنيات مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ مواصلات جي انفراسٽرڪچر، خاص طور تي ريلوي لائين جي حوالي سان من??وباسازي ڪئي ويندي. وزيراعظم بيرڪ گولڊ کي بلوچستان ۾ معدنيات جي ٻين من??وبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ضلعي چاغي ۾ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي حوالي سان حڪومت ۽ بيرڪ گولڊ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي جن ۾ رستن ۽ مواصلات جي بهتر نظام جا من??وبا پڻ شامل آهن. بيرڪ گولڊ وفد وزيراعظم کي ريڪوڊڪ من??وبي تي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ريڪوڊڪ من??وبي جي فزيبلٽي هن سال جي آخر تائين مڪمل ڪئي ويندي، ريڪوڊڪ من??وبي تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ مقامي ۽ بلوچستان ڊوميسائيل جي ماڻهن کي ترجيح ڏني پئي وڃي، بيرڪ گولڊ ڪارپوريٽ سماجي ذميواري تحت ريڪوڊڪ جي ويجهو ٽي اسڪولز قائم ڪيا آهن، بيرڪ گولڊ پاران هيستائين سئو ماڻهن کي فني تربيت ف??اه?? ڪئي وئي آهي جن ۾ عورتون به شامل آهن.
ريڪوڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ علائقي جي ترقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر