اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي واقعي جي فوري جاچ ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پوليس ۽ ليو??ز اهلڪارن ۽ شهرين جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، هن شه??دن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جي لازوال قربانين کي قوم ڪڏهن به نٿي وساري سگهي، ملڪ دشمن عنصر اهڙ?? بز??لا??ي ڪاررواين سان پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ملڪ ۾ انتشار ڦهلائڻ جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پوري ??وم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.
وزيراعظم پاران قلات ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت، واقعي جي فوري جاچ ۽ ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيارڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha