واشنگٽن -23 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاق?? وزير محمد اورنگزيب سان آمريڪي ناڻي وار?? وزارت جي عالمي ماليات واري اس??ٽن?? سيڪريٽري برينٽ نائمن ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڏي وٺ ڪئي. ناڻ?? وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق واشنگٽن ڊي سي ۾ ٿيل ان ملاقات دوران ناڻي وار?? وزير برينٽ نائمن کي ٽيڪس جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي قدمن ۽ صوبائي زرعي انڪم ٽيڪس (اي آئي ٽي ) جي نظام کي وفاقي ۽ ڪارپوريٽ آمدني جي ٽيڪس جي شرح سان هم آهنگ ڪرڻ جي منصوبن کان آگاهه ڪيو. هن سبسڊيز ۽ توانائي جي شعبي ۾ سڌارن، سرڪاري ڪمپنين (ايس او ايز) نئين سر جوڙجڪ ۽ (ڪلائميٽ پبلڪ ا??وي??ٽمينٽ اينڊ پي آئي ايم اي اڪائوئنٽبلٽي) منصوبي تي اٿرائتي نموني سان عمل ڪرڻ تي پڻ بريفنگ ڏني. هن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ قدمن تي پڻ خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي وار?? وزير جو چوڻ هو ته انهن سمورن سڌارن جو مقصد پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي جي رفتار کي وڌائڻ آهي. موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ پڻ ان حڪمت عملي جو حصو آهي. ناڻي وار?? وزير پاڪستان لاءِ آئي ايم ايف جي ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسلٽي ۾ آمريڪي حمايت جو پڻ شڪريه ادا ڪيو.
ناڻي واري وزير سان آمريڪي ناڻي واري وزارت جي عالمي ماليات واري اسسٽنٽ سيڪريٽري جي ملاقات ، گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی