اسلا?? آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيني سفير کي ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته چيني شهرين تي حملو پاڪ چين ڀائراڻن لااڳپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزي??اع??م آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف اسلا?? آباد ۾ چيني سفارتخاني ويو. هن چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائيڊونگ سان ملاقات ڪئي. وزي??اع??م گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي واقعي جي مذمت ڪئي. وزي??اع??م چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته چيني شهرين تي ان حملي جي مذمت ڪرڻ ۽ زخمين جي عيادت جي لاءِ توهان سان ملڻ آيو آهيان. وزي??اع??م چيني سفير کي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙ ۾ وٺڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ جي عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، واقعي ۾ زخمي چيني شهرين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري چڪو آهيان. وزي??اع??م چيو ته اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ چيني شهرين جي صحت بهتر ٿي رهي آهي، چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، چيني شهرين تي حملو پاڪ چين ڀائراڻن لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. چيني سفير وزي??اع??م جا سفارتخاني اچڻ تي ٿورا مڃيا ۽ اميد جو اظهار ڪيو ته وزي??اع??م واقعي جي ذميوارن کي جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير محسن رضا نقوي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزي??اع??م سان گڏ هئا.
وزيراعظم پاران چيني سفير کي ڪراچي ۾ چيني شهرين تي فائرنگ جي ذميوارن کي جلد پڪڙ ۾ آڻي انهن کي سزا ڏيارڻ جي خاطري
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا