اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان جي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ميڊيا تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻ??هي ڌرين گڏيل تاريخي بيانيي ۽ ثقافتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بهتر حصيداري تي ڌيان ڏنو ??يڪا افهام ۽ تفهيم کي سگهه ڏي ٿي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ پراڻا سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻ??هي ملڪن جي مختلف شعبن ۾ تعاون جي گڏيل تاريخ آهي. هن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ ريڊيو پاڪستان سميت رياستي ميڊيا ادارن جي پنهنجي بنگلاديشي هم منصب ادارن سان گڏيل پروڊڪشن ۽ خبرن جي مٽاسٽا جي شعبن ۾ حصيداري تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته صحافين جي مٽاسٽا جو پر??گر??م پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ميڊيا پرسنز کي مختلف معاملن تي هڪ ٻئي جي موقف ۽ بيانيي بابت بهتر طور تي ڄاڻڻ جو موقعو فراهم ڪر?? سگهي ٿو. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. هن ٻ??هي ملڪن جي عوام کي ڀاءُ قرار ڏيندي چيو ته گڏيل تعاون جي پر??گر??من جي ذريعي انهن جو رابطو ٻ??هي ملڪن ک?? وڌيڪ ويجهو آڻيندو. ٻ??هي ڌرين بنگلاديشي ڪيبل نيٽ ورڪس تي پاڪستاني خبرن ۽ تفريحي چينلز جي دستيابي ک?? وڌائڻ ۽ فلم فيسٽيول ۽ فوٽ??گر??في جون نمائشون منعقد ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔